اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پار??ي جي چيئرمين سردار اختر مينگل م??اقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار اختر مينگل وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان ما??ام??ل آهي پر بلوچ افرادي قوت ملڪ جو ??يمتي اثاثو آهن. هن چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي بلوچستان جي ترقي لاءِ قدم کڻي بلوچ نوجوانن جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائيندي.