اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سلمان صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلمان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته ??بلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي مت??ارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن ??رو??يڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دوست منصوبا مت??ارف ڪرايا آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، ??لمان صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته ??و وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.