اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، ??وم تڪبير پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 28 مئي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ان ڏينهن ايٽمي ڌماڪن جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان جي خلاف جارحيت ڪندڙن جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان دشمن ملڪ ڀار?? جي برتري جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، هن چيو ته ايٽمي صلاحيت پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي، سڄي قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، تڪبير جو ڏهاڙو پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، ??ن چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت هجڻ جي ڪ??ي مسلمان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته قومي يڪجهتي ايٽمي سياستدانن ۽ پاڪ فوج جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي ڪ??ي پاڪستان کي هڪ ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اع??از حاصل ٿيو، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاءِ قومي قياد?? جي نه جهڪندڙ عزم کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.