اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي خوش??ال بڻائينداسين، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو دل تي پٿر رکي ڪيو آهي پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ 28 ارب رپين جي سبسڊي جو پڻ اعلان ڪيو ويو، بلوچستان ۾ پرامن بلدياتي چونڊون انتهائي حوصلي جوڳي خبر آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي ته صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ عوام جمهوري نظام تي يقين رکي ٿي، محمد نواز شريف محنت ۽ لگن سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪئي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن مانسهره ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو ??فتتاح ڪرڻ جي موقعي تي منعقد وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??را??ظم ايئرپورٽ ۽ 45 ڪلوميٽر ڊگهي مانسهره مظفرآباد موٽروي منصوبن سميت ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو ??فتتاح ڪيو. ان موقعي تي مريم نواز شريف، سينيٽر پرويز رشيد، انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي، اڳوڻو وڏو وزير مهتاب عباسي، سردار محمد يوسف سميت ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪيپٽن (ر) محمد صفدر سرانجام ڏنا. وز??را??ظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ پهريون ڀيرو هزاره موٽروي تان سفر ڪري هتي آيو آهيان، اڄ سفر ڪندي هر لمحي محسوس ڪيو ته محمد نواز شريف پاڪستان ۾ ڪيڏي شاندار موٽروي تعمير ڪئي آهي. ان کان اڳ سکر ملتان موٽروي 2016ع ۾ شروع ٿي ۽ ان کي پنهنجي حڪومت جي دور ۾ مڪمل ڪيو، هي اهي عظيم منصوبا آهن جيڪي پاڪ چين اقصادي لنگهه تحت مڪمل ٿيا آهن. وز??را??ظم چيو ته اسلام آباد مري ايڪسپريس وي تان گذرندي احساس ٿئي ٿو ته نواز شريف ڪهڙي طرح محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪئي. وز??را??ظم چيو ته الله تعاليٰ موقعو ڏنو ته پشاور کي لاهور ۽ پوري خيبرپختونخواهه کي پنجاب وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين پر ان جي لاءِ خيبرپختونخواهه جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اها هڪ اناپرست، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائيندڙ، غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪندڙ ۽ فتنو ۽ تخريب ڪندڙ عمران خان يا ملڪ ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪندڙ محمد نواز شريف جي چونڊ ڪري ٿي. وز??را??ظم چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو پر ڪنهن کي هڪ نوڪري نه ملي، ان جي دور ۾ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا، عوام سان 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو ويو هو پر ان جي دور ۾ ملڪ ۾ هڪ سرهه به نه لڳي، آئون توهان سان واعدو ڪريان ٿو ته پاڪستان کي خوش??ال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائيندس. وز??را??ظم چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو ويو آهي پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ غريب ماڻهن جي لاءِ 28 ارب رپين جي سبسڊي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. عمران خان پنهنجي حڪومت جي آخري ڏينهن ?? تيل جي قيمتن کي ان وقت گهٽ ڪيو جڏهن دنيا ?? تيل جون قيمتون وڌي رهيون هيون، ان کي (عمران خان) کي خبر هئي ته کيس آئيني طريقي سان ڪڍيو پيو وڃي ان لاءِ هن اسان جي لاءِ ڄار وڇايو. وز??را??ظم چيو ته کيس عوام جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو ??حساس آهي. زرتلافي جو ??علان انهي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي، 28 ارب جي پئڪيج تحت 8 ڪروڙ ماڻهن کي ٻه هزار رپيا ماهوار جي سبسڊي ڏني ويندي. وز??را??ظم چيو ته هن ٻه هفتا اڳ چيو هو ته جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جي حڪومت اٽي جي قيمت گهٽ ڪئي ته ٺيڪ آهي ٻي صورت ۾ اسان ان کي گهٽ ڪنداسين. ان جو ??ڃا ??ائين اسان کي جواب ناهي مليو، سڀاڻي کان خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ ۾ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 400 رپين ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي دستياب هوندو. منهنجي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي درخواست آهي ته هو پنهنجي صوبي جي غريب عوام جي لاءِ ڪوشش ڪري. وز??را??ظم چيو ته هو ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي خوش??ال بڻائيندا. وز??را??ظم مانسهره ۾ ميڊيڪل ڪاليج، هزاره جي لاءِ جدا اليڪٽرانڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ مانسهره جي لاءِ هڪ ارب رپين جي ترقياتي پئڪيج جو ??علان ڪندي چيو ته ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيڻ سان هتان جي ٻارن کي پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملندو. وز??را??ظم چيو ته بلوچستان ۾ پرامن ماحول ۾ بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 20 کان 35 سيڪڙو تائين آهي، اها انتهائي حوصلي جوڳي خبر آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ عوام جمهوريت نظام تي يقين رکي ٿي، ان سان سلامتي جي صورت??ال ۾ بهتري جي عڪاسي پڻ ٿي رهي آهي. وز??را??ظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ هو لائق ۽ ذهين شاگردن جي لاءِ فري ليپ ٽاپ ڏيڻ جو منصوبو آڻيندو.