اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مهانگائي جي ظلم سان عوام جي ديڳڙي خالي ڪندڙ اڄ هن پارليامين?? تي حملي آور ٿيا جنهن کان اهي پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيا آهن، ديڳڙيون ۽ چمچا فرح گوگي، بشريٰ بي بي ۽ عمران خان کي ڏيکارين، پي ٽي آءِ جا ميمبر پارليامينٽ جا دروازا ٽپڻ جا ڊراما نه ڪن، اسپيڪر وٽ وڃن ۽ پنهنجي استعيفائن جي تصديق ڪن، اسپيڪر انهن کي گهرائي ٿو ته اهي ڀڄي وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي سيڪريٽري اطلاعات اختيار ولي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جون عورت ميمبر پارليامين?? تي حملي آور ٿيون، ميڊيا جي ڪئميرامن سمورا منظر عوام کي ڏيکاريا جنهن تي ميڊيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿا. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران ميڊيا جي ڪئميرائن کي پارليامينٽ کان ٻاهر رکيو ويو ڇو ته ان وقت هڪ اهڙو ٽولو پاڪستان تي مڙهيل هو جيڪو پاڪستان جي عوام کي حقيقتون ٻڌائڻ نه ڏيندو هو، ان جو ڪم رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چئن ڏينهن کان انتظار ??ري رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر اچي پنهنجي استعيفائن جي تصديق ڪن، پارليامينٽ ۾ انهن کي اچڻ کان ڪنهن ناهي روڪيو پر پي ٽي آءِ جي عورت ميمبرن پارليامينٽ جا گيٽ ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو تماشي کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته هي جنهن پارليامين?? تي حملو ??ري رهيا آهن، انهي پارليامينٽ مان اهي پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو انتظار ??ري رهي آهي، اچن پنهنجي استعيفائن جي تصديق ڪن ۽ گهر وڃن. هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي روڪيو نه ويو ته اهي پارليامينٽ جو گيٽ ڇو ٽپي رهيون هيون. هن چيو ته اهي ديڳڙيون کڻي بني گالا وڃن، اتي احتجاج ڪن، اڄ ملڪ جي عوام مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي ته ان جو ذميوار عمران خان آهي، اڄ ملڪ ۾ 16 سيڪڙو مهانگائي عمران خان جي ??ري آهي، بيروزگاري، واپاري خسارو، معاشي تباهي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو ذميوار به عمران خان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ ۽ ائٽمي پروگرام کسجڻ جون جيڪي ڳالهيون ??ري رهيو آهي، هن ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي سپريم ڪورٽ ۽ پارليامين?? تي حملوي آور ٿيا. هن چيو ته بني گالا گذريل چئن سالن کان مني گالا بڻيل هو جتي ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀريا پئي ويا. هن چيو ته عمران خان سدائين پنهنجي ورڪرز کي تشدد ۽ فساد تي اتساهيو، اڄ عمران خان پنهنجي ساڄي پاسي جهنڊا رکي عوام کي پنهنجي ڪوڙي ڪارڪردگي ٻڌائي رهيو آهي، عوام جنهن ري?? تي اٽو خريد ??ري رهي هئي اها سڀني کي خبر آهي، شهباز شريف اچي اٽو ۽ کنڊ سستي ڪئي، اڄ 400 رپين جو 10 ڪلو اٽو م??ي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيوت ه عمران خان جي نااهلي جي ??ري اڄ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، عمران خان پيٽرول تي سبسڊي ڏني جڏهن تهملڪي ناڻي ۾ ان جي لاءِ پئسا موجود نه هئا. هن چيو ته شهباز شريف ڏينهن رات محنت ??ري عوام کي مهانگائي، لوڊشيڊنگ جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ??ري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ پارليامينٽ ٻاهران جيڪي احتجاج ??ري رهيا آهن اهي ديڳڙيون کڻي بني گالا وڃن، اتي مهانگائي ۽ لوڊشيدنگ جي خلاف مظاهرو ڪن، معاشي تباهي، پرڏيهي پاليسي کي تباهه ڪرڻ جو ماتم بني گالا ۾ ڪن ڇو ته انهن سمورين خرابين جو ذميوار بني گالا ۾ ويٺل آهي. هن چيو ته ڪنهن پارليامينٽ ميمبر کي پارليامينٽ جي اندر اچڻ کان روڪيو ناهي ويو، پي ٽي آءِ جون عورت ميمبر ڄاڻي واڻي پارليامينٽ جي گي?? تي چڙهيون ۽ تماشو لڳايو، پوليس انهن کي روڪيندي رهي پر انهن پاڻ سان گڏ وڌيڪ ماڻهن کي ملائي پارليامين?? تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي اندر قانون موجود آهي، جيڪو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندو اهو قانون جي دائري ۾ ايندو. هن چيو ته هن وقت هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جيڪا عوام جي خدمت ??ري رهي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي چئن سالن ۾ ملڪ دشمن بجيٽ ڏنيون جن سان معاشي تباهي آئي، بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو. اڄ اسان انهن جو وڌل گند صاف ??ري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي اها بجيٽ ڏينداسين جيڪا هڪ ويزن تحت هوندي ۽ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هوندي. هن چيو ته بجيٽ سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، زرعي شعبو ترقي ڪندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي تماشو لڳائڻو آهي اهي بني گالا وڃن، هتي تماشن جي ضرورت نه آهي، هتي سنجيده حڪومت ڪم ??ري رهي آهي، اسان معيشت کي ٺيڪ ??ري رهيا آهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو سڪون جون گوريون کائين، اسان کي به سڪون سان ڪم ڪرڻ ڏين ۽ پاڻ به سڪون ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان 25 مئي تي لانگ مارچ جي ڪال ڏني هئي ۽ هي پنهنجي ئي لانگ مارچ جو ڀڳوڙو آهي، هي پنهنجي ماڻهن کي رستن تي ڇڏي پاڻ هيلي ڪاپٽر ۾ ويهي فرار ٿي ويو. هن چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه جي ٽيڪس جي پئسن سان کاڌو پيتو، هٿيار خريد ڪيا، پنجاب پوليس ۽ وفاقي پوليس تي حملي آور ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پارليامينٽ جي گي?? تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو دنيا ۾ ڪهڙو اميج ويندو، جڏهن اهي ماڻهو حڪومت ۾ هئا ته ان وقت به اهي بي عزتي ڪرائي رهيا هئا. هن چيو ته عمران خان ضمانت ڪرائيندي خيبرپختونخواهه کان بني گالا پهچي ويو آهي، اڄ هو جهنڊا رکي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو هو، کيس ٻڌائڻ گهرجي ها ته هن وقت مهانگائي جي شرح ڪي??ري آهي، ملڪ جي اندر ڪيترا منصوبا شروع ڪيا. هي نواز شريف جا شروع ڪيل منصوبن تائين آپريشن نه ??ري سگهيو. هن چيو ته اڄ اڪنامڪ سروي انهن جي چار سالا ناڪامين ۽ نااهلي جا داستان ٻڌائي رهيو آهي، ملڪ جي اندر هڪ ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿيا. هن چيو ته عمران خان شيشو ڏسي کيس 16 سيڪڙو مهانگائي نظر ايندي، ملڪي معيشت جي تباهي نظر ايندي، آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون نظر اينديون جنهن جي ??ري اڄ عوام مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ??ري رهيو آهي، اٽي ۽ کنڊ ۾ ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ??ري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جو اهو چوڻ ته هو وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيو آهي ۽ هن سپريم ڪورٽ مان اميد لڳائي رکي آهي ته اها انهن کي اجازت ڏيندي، سپريم ڪورٽ 25 مئي تي به انهن کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي پر هي هڪ جلسيءَ تائين نه ??ري سگهيا. اهي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي توهين ڪندا رهيا ۽ پنهنجي ماڻهن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چوندا رهيا، انهن سان گڏ ايترا ماڻهو نه هئا جو اهي ڊي چوڪ پهچن، انهن کي اتان ڀڄڻو پيو، هي تاريخ نه ٿا ڏئي سگهن، تاريخ رڳو هڪ آهي آڪٽوبر 2023ع جي اليڪشن، عمران خان ان جو انتظار ڪري.