اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪس ڪلچر کي ??ام ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شفاف نظام يقيني بڻائي ٽيڪس ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري تي عوام جو اعتبار وڌي رهيو آهي ۽ شڪايت ڏيندڙن جي شڪايتن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي ”فوري انصاف توهان جي چ??ئنٺ تي“ جي موضوع تي آگاهي سيمينار کي ??طاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر عاصف محمودجاه هراسان جي خلاف تحفظ لاءِ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اڳوڻو وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر شعيب سڊل، ايف بي آر، وفاقي ٽيڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي سينئر آفيسرن ۽ مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب جو ادارو ٽيڪس گذارن جي سهولت ۽ انهن جي مسئلي جي حل لاءِ بهترين ڪردار ??دا ڪري رهيو آهي. ٽيڪس نظام ۽ شڪايتن جي ازالي بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام مجموعي طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسلامي رياست ۾ زڪوات جو نظام اهم آهي، هڪ مهذب معاشري لاءِ ضروري آهي ته نادرا ماڻهن جي زندگي جو معيار ??لند ڪري، قومي وحدت لاءِ جعلي خبرن جهڙي چ??لينجن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. صدر چيو ته ٽيڪس جي شڪايتن جي حوالي سان تعاون، انصاف جو رستو کوليندو آهي، شڪايتن جي الزالي لاءِ وقت 60 ڏينهن کان گهٽ ڪري 40 ڏينهن تي ??چي ويو آهي، ٽيڪس نظام ۽ شڪايتون داخل ڪرڻ ۾ ڊجيٽلائيزيشن سان شفافيت ??چي رهي آهي، وفاقي ٽيڪس محتسب جهڙن ادارن لاءِ ٽيڪنالاجي مددگار ??ابت ٿيندي، صدر وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ ان جي ٽيم کي ??ڪايتن جي ازالي لاءِ ڪيل ڪوششن تي مبارڪباد پيش ڪئي، صدر چيو ته شڪايتن جي ازالي ۾ غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان فنڊن جي ڪرپشن، انڊر انوائيسنگ ۽ رشوت کي ??وڪي سگهجي ٿو. جديد آءِ ٽي نظام جي ذريعي ٽيڪس گذارن کي ??لد رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. داڪٽر عارف علوي ٽيڪس گذارن تي زور ڏنو ته هو ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي، شڪايتن جي ازالي ۽ انصاف کي ??اصل ڪرڻ لاءِ وفاقي ٽيڪس محتسب سان رابطو ڪن، هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطن جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب ۾ ماڻهن جي شڪايتن جي باري ۾ ماڻهن کي ڀرپور آگاهي ڏيڻ اڻٽر آهي. ٽيڪس گذارن کي ??نصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائري ڪار کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي ??ختيار ڪري بدعنواني کي ??تم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي جي باري ۾ هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.