سکر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضلعي انتظاميا سکر پاران ڪشمير جي قانوني حيثيت ختم ڪرڻ جهڙي غيرقانوني عمل کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ميونسپل اسٽيڊيم کان پريس ڪ??ب سکر تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد احمد چيو ته هن??ستان پاران ڪشميرين تي ظلم ۽ والاريل ڪشمير جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ عالمي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اڄ ان غيرقانوني عمل کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ريلي ۾ ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير جي خودمختياري بحالي ڪريو، ڪشمير جو اس??حص??ل نامنظور، پاڪستان زندهه آباد“ ??ا نعرا هنيا ويا.