اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي مقامي مصنوعات ۽ صنعت جي فروغ ذريعي نجي شعبي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي معيشت جي بحالي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي ان سل??لي ۾ صنعتي ۽ ڪاروباري برادري کي پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هو راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفدن سان ڳالهائي رهيو هو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون.