اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رمضان پئڪيج تحت 2 ارب رپين جي سبسڊي جي لاءِ گرانٽ جاري ڪئي وئي آهي، سڄي ملڪ ۾ چار هزار 300 کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ??ي آئوٽ ليٽس تي اٽو، کنڊ، گيهه، تيل، چڻن جي دال، مڱ جي دال، ماش جي دال، مسور جي دال، ڇولا، بيسڻ، کجور، باسمتي چانور، سيلا چانور، ٽوٽا چانور، اسڪواش، کير، چانهه ۽ مصالحن سميت 19 ضروري شيون مارڪيٽ ريٽ ک??ن گهٽ قيمت تي عوام جي لاءِ دس??يا?? هونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ??ف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عمر لوڌي س??ن گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.