اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي حوالي سان انتظامن ۽ اڳڀر??ئي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جي ذميداري آهي ۽ ان ذميداري کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان هر ڪوشش ڪندا رهنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ??يڪيورٽي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائق??ئي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.