اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دوري دوران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪند??، وزيراعظم عمران خان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، ا??و ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسان ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ م??ڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سان گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهي، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪند??، وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سنڌ حڪومت، ا??ن ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.