اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بنيادي حقن، معاشرتي معاملن ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان اسلام حدون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ م??جد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، مديني جي رياست جي طرز تي معاشري جو قيام اسان جو خواب ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ م??عل راهه آهي، اسان کي ويڇن بدران اتحاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، فرانسيسي صدر جو رويو مذمت جي قابل ۽ رياستي سطح تي توهين آميز مواد ج?? ڇپائي جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، ??ال??ي سطح تي مذهبن جي احترام جي حوالي سان قانونسازي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت سان قومي رحمت ال??ال??ين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.