اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي بدران ڪميشن آف انڪوائ??ي ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي ??دي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دست??وي?? حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي سان نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران سفارشن جي منظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ڪرائڻ جي لاءِ اوپن بيلٽ اليڪشن جي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي.