اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي ج?? موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري ج?? شڪار عورتن کي معاشري ج?? فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري ره??ا آهيون، پارليامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ره?? آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي ج?? موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اسان معاشري ج?? خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري ج?? فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري ره??ا آهيون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي ج?? حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي. پارليامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي ماڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آهي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي ج??هن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ادارن تائين به خصوصي ماڻهن جي پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي ره??و آهي، پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ ??حت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري ره?? آهي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موبائيل ايپ به شروع ڪئي وئي آهي ج??هن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.