اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز ??ي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾ هڪ هزار 629 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز ??ي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، لاهور ۾ 30 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 33 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 32 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وي?? – 19 جا 52 هزار 427 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 536، پنجاب ۾ 22 هزار 819، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 713، اسلام آباد ۾ 4 هزار 759، بلوچستان ۾ هڪ هزار 690، گلگت بلتستان ۾ 282، آزاد ڪشمير ۾ 628 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪ??وي?? 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 63 هزار 111 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??وي?? 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪ??وي?? 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز ??ي ڪ??وي?? 19 جا 418 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪ??وي?? 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 47 هزار 764 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 32 هزار 140 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 493، بلوچستان ۾ 25 هزار 729، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 633، اسلام آباد ۾ 81 هزار 700، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 34 هزار 321، پنجاب ۾ 3 لک 42 هزار 192 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 23 هزار 72 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪ??وي?? 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 21 هزار 265 آهي.