اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته (ن) ليگ موجوده دور جي ايسٽ انڊيا ڪمپني آهي، جهڙي طرح ايسٽ انڊيا ڪمپني پئسو ڦريو اهڙي طرح نواز شريف به ڪيو، گوالمنڊي ۾ پٺو گرم کيڏندڙ اڄ لنڊن ۾ پولو مئچ ڏسي ۽ کيڏي رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان جي سياست جو لازمي جز سمجهون ٿا، (ن) ليگ جي سڄي قيادت لنڊن ويٺل آهي پر اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جي حق تي اعتراض ڪن ٿا، جي 20 پاڪستان جو 3.7 ارب ڊالر جو قرض هن سال جي آخ?? تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ووٽنگ اسان جي ترجيح آهي، پي ايس ڊي پي تحت 900 ارب رپين ??ا منصوبا آهن، مخالف ڌر بجيٽ کي پڙهي، پوءِ پنهنجون تجويزون سامهون آڻي، مخالف ڌر کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻي آهي ته اسان جو موقف به ٻڌڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جي 20 پاڪستان جو 3.7 ارب ڊالر جو قرض هن سال جي آخ?? تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي.