اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيص?? جاويد 14 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻ کانپوءِ قوم کي آزادي جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن ماحوليات جي حوالي سان پاڪست??ن جي ڪاميابين جي فهرست پيش ڪئي. سينيٽر فيص?? جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آهي، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سينيٽر فيص?? جاويد وڌيڪ چيو ته اسان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هن ڀيري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان يو اين جا هدف مقرر مدي کان 10 سال اڳ ئي ??اصل ڪري ورتا آهن، هن پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ??ه اسان سڀني کي اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻو آهي ۽ پنهنجي تصو??ر حڪومت پاڪستان کي موڪلڻي آهي.