راولپنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) ??ي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سم??ءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته ??اڪ??تان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدار ان موقعي تي افغانستان جي صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهين جي واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن ۾ ??اڪ??تان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن هر سطح تي ??اڪ??تان سان سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪردار اد?? ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.