اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علا?? ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي ??گهي.
اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان هر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪري سگهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي معياري علاج غريبن کان ويندي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته صحت ڪارڊ پروگرام پنجاب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊز ملي ويندا. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته صحت ڪارڊ عوام پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگهندا. سرڪاري ئي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ اسپتالُون به هاڻي عوام جي علاج لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينا جي حوا??ي ڪيو ويو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي ??گهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.