اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو غير معمولي اجلاس ٿيڻ خوش آئنده آهي، اهو پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مثال آهي، مئلن جي ووٽن سان گڏوگڏ ن ليگ انهن جي نالن تي جعلي اڪائونٽس به ٺاهيندي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جو ملڪ او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس جو ميزبان آهي، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، فرخ حبيب چيو ته او آءِ سي جو غير معمولي اجلاس جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. پاڪستان ۾ 40 سالن کانپوءِ او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ??مل??تي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جو پاڪستان ۾ ٿيڻ اسان جي اهمي?? کي اجاگر ڪري ٿو. اجلاس ۾ سڄي دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو ميڊيا بابت خاص مدگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا.