اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سنڌ جي علي حيدي زيدي، خيبرپختونخو??هه جي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي قاسم خان ??ور??، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معاملن کي بهترين انداز سا?? هلائيندا، وزيراعظم عمران خان پارٽي معاملن کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته پاڪست??ن تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن جي سمورين اڪائين ۾ نمائندگي آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪارڪن نئين قيادت کي مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپختونخو??هه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.