اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي) چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچند??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد حسين چيو ??ه اي سي سي چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. جنوري کان 6 لک ٽن مقامي ڀاڻ به مارڪيٽ ۾ ا??ڻ شروع ٿي ويندو. عالمي منڊي ۾ تمام گهڻي قيمت جي باوجود اسان جي آبادگارن کي ڀاڻ جي ??وٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.