اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزيراعظم عمران خان سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پي ٽي آء?? خيبرپختونخواهه جو صدر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ٽي آء?? پنجاب جو صدر ۽ تعليم وار?? وفاقي وزير شفقت محمود، پي ٽي آء?? ڏکڻ پنجاب جو صدر ۽ صنعت ۽ پيداوار وار?? وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ??ي ٽي آء?? سنڌ جو صدر ۽ سامونڊي معاملن وار?? وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، پي ٽي آء?? بلوچستان جو صدر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ پي ٽي آء?? جو ا??ڊي??نل سيڪريٽري عامر محمود ??يا??ي پڻ موجود هئا. وزيراعظم سمورن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.