دبئي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فلاپ فلمون لنڊن وڃي ويهي رهيون آهن?? نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم طرف ڪنهن ڌيان نه ڏنو، رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري ??ه تصديق ڪئي آهي ته حلفي بيان نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته دبئي ۾ فلم فيسٽيول ۾ 11 پا??ستاني فلمون ڏيکاريون وينديون، يو اي اي ۾ رهندڙ پا??ستاني ان فيسٽيول ۾ پا??ستاني فلمون ڏسڻ اچن. هن چيو ته پا??ستان جي فلم انڊسٽري بحال ٿي رهي آهي، ان کان اڳ صرف سياستدانن جا ڊراما ڏٺا ويندا هئا?? نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم جي طرف ڌيان نه ڏنو. فلاپ فلمون لنڊن ۾ وڃي ويهي رهيون آهن، هن چيو ته رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري ??ه تصديق ڪئي آهي ته اهو بيان حلفي نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اهو گهڻو اهم معاملو آهي، شريف فيملي کي ان تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اوورسيز پا??ستانين اسان جا سر جا تاج آهن ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پا??ستاني ان تاج جا هيرا آهن، وفاقي وزير چيو ته 15 لک پا??ستان يو اي اي ۾ رهن ٿا، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ انهن جو سڀني کان وڏو حصو آهي، هن چيو ته روشن ڊجيٽل پا??ستان اڪائونٽ ۾ به سڀني کان وڌيڪ تعداد يو اي اي ۾ رهندڙ پا??ستانين جو آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح عمران خان ۽ اوورسيز پا??ستانين سان گڏ بيٺو آهي، اهڙي طرح اوورسيز پا??ستاني به عمران خان جي پو??ان بيٺل آهن، هي اهو ئي اتحاد آهي جيڪو پا??ستان کي اڳيان وٺي هلندو.