اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ??ري??نڪا جي وچ م موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ ??ري??نڪا آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ??ري??نڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائقائي تعاون واري رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿراڪا بالا سوريا ??ري??نڪا جي هڪ واپاري وفد سان گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهي?? آهن. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان ??ري??نڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ??ري??نڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??ري??نڪن وفد جو ڌيان پاڪستان جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??ري??نڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪستان ايندا. ڊاڪٽر بندولا گنا وڌرني ??ري??نڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، تعليم، دفاع، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي جي مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ پاڪستان سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.