اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادا??ن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. مريم اورنگزيب جي ب??ان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اهي حڪومت ۾ هجن ته سڀ سٺو هوندو آ??ي، مخالف ڌر ۾ هجن ته هر معاملي ۾ ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ انهن جو شيوو آ??ي، اسان کي اداري کي بدنام ??ه ڪرڻ گهرجي جڏهن اسان روزاني جي بنياد تي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا هجون، اسان جا آفيسر ۽ جوان روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن ڪالهه به پاڪ فوج جو هڪ ڪيپٽن ۽ جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته ساڍا 3 سال کان اسان ٻڌندا پيا اچون ته عدم اعتماد جي رٿ اچي رهي آهي، ه??ڻي جڏهن ته (ن) ليگ کي عدم اعتماد ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته انهن جو دماغي توازن وڃائجي ويو آ??ي، اڄ (ن) ليگ مون کي ڇو ڪڍيو جي پوزيشن تي اچي بيٺي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ کي سدائين ان وقت ٽيليفون ڪالز جي ياد ايندي آهي جڏهن اها سياسي طور تي بند گهٽيءَ ۾ وڃي پهچي ٿي، (ن) ليگ سدائين قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، لنڊن ۾ ويهي حمدالله جهڙن دشمنن سان ملاقاتون انهن جو شيوو رهيو آ??ي، ڀڳوڙو بڻجي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ادا??ن جي خلاف زهر اوڳاڙيندو رهيو آ??ي.