اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني نئ?? بات جي گروپ ايڊيٽر عطاءُ الرحمان ج?? لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عطاءُ الرحمان ٻن ڏهاڪن کان قومي اخبارن ۾ ”تجزيه“ جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ذريعي پڙهندڙن ج?? دلين تي راڄ ڪندو رهيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم نئ?? بات جي ايڊيٽر طور پڻ پنهنجون صحافتي ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.