اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آ??ي ته اسلام جا ٺيڪيدار اسلام بدران اسلام آباد جي لاءِ سياست ڪري رهيا آهن، اسلامو فوبيا جي حوالي سان او آءِ سي جا سڀئي ملڪ هڪ پيج تي آهن، ??زي??اعطم عمران خان سدائين اسلامو فوبيا تي ڳالهائيندو رهيو، 22 ۽ 23 مارچ تي 57 ملڪن جا پرڏيهي ??زي?? اسلام آباد ۾ موجود هوندا، ان موقعي تي پنهنجي ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀني کي قومي سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس مسلمان دنيا جي ترجماني ڪندو، سڄي قوم مسلمان دنيا لاءِ هڪ خوشي جو موقعو آ??ي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙي جي قرارداد ڏيڍ ارب مسلمانن جي ترجماني آهي. مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته عالمي فورمن تي عمران خان ڏيڍ ارب مسلمانن جي ترجماني ڪئي ،اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو 2019ع ۾ مڪي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ??زي??اعظم عمران خان اسلامو فوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي ڳالهه ڪئي، سيپٽمبر 2019ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ??زي??اعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ ناموس رسالت تي ڪيس دنيا جي سامهون رکيو. دنيا ۾ جنهن انداز سان اسلامو فوبيا تي مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، نيوزي لينڊ ۾ مسجد اندر حملو ٿيو، اولهه ۽ تازو ئي ڀارت جي اندر حجاب پائڻ تي عورتن تي حملا ٿي رهيا آهن، هندستان ۾ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهي ڪري او آءِ سي جي 2020ع جي اجلاس ۾ اسان جي پرڏيهي ??زي?? 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ جو ڪريڊٽ ??زي??اعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هڪ سچو عاشق رسول ﷺ، سچو مسلمان هجڻ جي ناطي عمران خان دنيا جي سامهون اسلام جو ڪيس وڙهيو، مملڪتي ??زي?? چيو ته اولهه جيڪو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ اڄ اهو ئي ??زي??اعظم عمران خان جي موقف جي تائيد ڪري رهيو آ??ي. ??زي??اعظم عمران خان دنيا جي سامهون معذرت خواه وارو روي?? ترڪ ڪيو، روس جي صدر اسلامو فوبيا جي خلاف آواز بلند ڪيو، آمريڪا جي ايوان جي نمائندن کان به قرارداد سامهون آئي، ??زي??اعظم عمران خان مسلمانن جي دلين جي ترجماني ائين ئي جاري رکندو. هتي فضل الرحمان عمران خان تي تنقيد ڪندو رهيو آ??ي جيڪو حقيقتن جي منافي آهي، عمران خان جي ڳالهه کي دنيا توجهه ڏي ٿي، اسلامو فوبيا تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو آ??ي. جڏهن کان عمران خان ??زي??اعظم بڻيو آ??ي هر موقعي تي پاڪستان ڪشميرين سميت جت?? جت?? انسانيت تي ٿيندڙ ظلمن کي اجاگر ڪيو، افغانستان جي معاملي تي او آءِ سي جي اجلاس جي نمائندگي پاڪستان کي ملي آهي، هن چيو ته سياسي سرگرميون ان وقت جمهوريت جو حسن آهن جيسيتائين ان ۾ شدت شامل نه هجي، هڪ مارچ ۽ هڪ شارٽ مارچ جي اسان اجازت ڏني جيڪڏهن ڪنهن تشدد کانسواءِ ڪا سرگرمي ڪرڻ چاهين ٿا ته ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي.