اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پ??رليامينٽ ۾ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، وفدن ج?? سهولت لاءِ ٺ??هيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ??ڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ صبح مصر جو پرڏيهي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏيهي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ ??حث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ ??ي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان ج?? قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف اسان ج?? ڪوششن ج?? ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان ج?? خصوصي هدايت تي او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن ج?? سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.