اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) قومي س??امتي ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏيندي چيو آهي ته خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي. ان تي باقاعده سفارتي ذريعن سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي س??امتي ڪميٽي جو 37 ه??ن اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ دفاع، توا??ائ??، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن، منصوبابندي جي وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي س??امتي جي صلاحڪار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب قومي س??امتي واري صلاحڪار ڪميٽي کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي س??نئر عهديدار جي ان ملڪ ۾ هڪ باضابطه اجلاس ۾ پاڪستان جي س??ير کي باضابطه خط جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ سفير پرڏيهي وزارت کي باقاعده طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏنو، ڪميٽي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو خط ڄاڻايل ملڪ پاران پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پاڪستان سفارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي باضابطه ذريعي سان اسلام آباد ۽ ان ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. شرڪت ڪندڙن جي قومي س??امتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا بريفنگ جي ذريعي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 30 مارچ 2022 تي وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا جي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئي.