جده – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي ??رب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ??ي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي، سعودي ??رب پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي بهتري لاءِ مسلسل حمايت جاري رکندو، سعودي ??رب مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ توسيع ۽ ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ ۽ معاشي ڍانچي جي سڌارن ۾ مدد ڪندو، ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن مسئلن جي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن روس ۽ يوڪرائن جي تڪرار جي سياسي حل ۽ بحران جي خاتمي جي اميد ظاهر ڪندي ??لامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب يمن بحران جي ٺوس سياسي حل جي قدمن، فلسطين جي مسئلي جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن موجب ٺوس ۽ منصفاڻي حل، شام ۾ علائقائي مداخلت کي محدود ڪرڻ ۽ افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن جي لاءِ محفوظ پناهه طور استعمال کان بچاءُ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سعودي ??رب ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ قائم ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي ڏس ۾ 28 کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي ??رب جو دورو ڪيو. سعودي ??رب جي ولي عهد ۽ نائب وزير??عظ?? شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جده ۾ وزير??عظ?? جو استقبال ڪيو. ٻنهي طرفن ۾ باضابطا سرڪاري ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم تاريخي لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ ٻنهي طرفن سعودي پاڪستاني سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ذريعي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپاري مٽاسٽا کي متنوع بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي جي موقعن کي حقيقي ۽ عملي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. گڏيل پڌرنامي ۾ چ??و ويو آهي ته سعودي ??رب ان عزم کي ورجايو ته هو پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي مسلسل حمايت جاري رکندو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب آمريڪي ڊالر جي مدي ۾ توسيع جي ذريعي ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ، پاڪستان ۽ ان جي عوام جي مفاد ۾ معاشي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ مدد جاري رکڻ شامل هو. پاڪستان ڀرپور مدد ۽ حمايت جاري رکڻ تي سعودي ??رب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي طرفان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙ??ڪا??اڻي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حصيدارين ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ گڏجي سيڙ??ڪا??ي ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙ??ڪا??ي جو ماحول تيار ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سيڙ??ڪا??ي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چ??و ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي بصيرت جي روشني ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد ۾ صنعت ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ٻنهي طرفن کان سيڙ??ڪا??ي فورمز منعقد ڪرڻ جي ارادي ??و اظهار ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري شعبي ۾ دستياب امڪان سامهون آڻي سگهجن، انهن تي زر ڏنو وڃي ته سيڙ??ڪا??ي جي مختلف شعبن ۾ انويسٽمينٽ پارٽنرشپ ڪن، سعودي پاڪستاني بزنس ڪائونسل جي اجلاسن جي ذريعي گڏجي ڪم ڪن ته جيئن انهن مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي جيڪي سيڙ??ڪا??ن کي درپيش اچن ٿيون. ٻنهي طرفن کان آجيان ڪئي وئي ته ٻنهي ملڪن جا سيڙ??ڪا?? خوراڪ ۽ زراعت جي صنعتن ۾ گڏجي حصيداريون ڪري رهيا آهن. ٻنهي طرفن کان سعودي ??رب جي ويزن 2030ع تحت اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پروگرامز جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دستياب امڪانن بابت تعاون ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ناليوارن پاڪستاني ماهرن جي تجربي ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي گڏيل طور تي فائدو پهچي. پڌرنامي ۾ چ??و ويو آهي ته ڌرين افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ، افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن پاران محفوظ پناهه طور تي استعمال ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ڌرين افغانستان تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي فيصلن تي اڳڀرائي جاري رکڻ ۽ انهن تي عملدرآمد سان اتفاق ڪيو ته جيئن افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي ۽ ان ڏس ۾ حمايت جاري رهي. دوري جي پڄاڻي تي وزير??عظ?? پاڪستان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ ڊپٽي وزير??عظ?? شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کانسواءِ سعودي ??رب جي حڪومت جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي گرمجوشي ۽ فراخدلاڻي ميزباني تي ٿورا مڃيا. ولي عهد ۽ نائب وزير??عظ?? شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وزير??عظ?? پاڪستان ۽ ڀائر ملڪ پاڪستان جي عوام جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي پرجوش جذبن جو اظهار ڪيو.