انقره – 01 – جون (اي پي پي) پا??ستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان مو??عي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي آف پا??ستان جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ۽ پا??ستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ پا??ستان جي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪيءَ ۽ پا??ستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پا??ستان جي ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ فني تعاو?? پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وزارت ۽ پا??ستان جي اقتصادي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاو?? پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ نئون پا??ستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پا??ستان پارا?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپورٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.