اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪورونا جي نون ڪيسن جي تعداد ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 805 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 14 جون تي ڪيسن جو تعداد 5 هزار 248 هو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 25 هزار 15 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين پوري ملڪ ?? ان بيماري مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 56 هزار 390 آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽرز تي نه آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ائرس جي مريضن لاءِ مختص هڪ هزار 400 وينٽيليٽرز مان 482 وينٽيليٽرز تي مريضن کي رکيو ويو آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 89 هزار 692 آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دورن ان تعداد ۾ 4 هزار 433 مريضن جو اضافو ٿيو، هيستائين سڄي ملڪ مان ڪل هڪ لک 48 هزار 921 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، آزاد ڪشمير ۾ 663، بلوچستان ۾ 8 هزار 327، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 143، اسلام آباد ۾ 8 هزار 857، خيبرپختونخوا ۾ 18 هزار 472، پنجاب ۾ 55 هزار 878 ڪيس ۽ سنڌ ۾ ڪورونا ??ريضن جو انگ 55 هزار 581 آهي، هيستائين ان بيماري سبب ڪل 2 هزار 839 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 111 فوتگين جو اضافو ٿيو، سنڌ ۾ 853، پنجاب ۾ هڪ هزار 81، خيبرپختونخوا ۾ 707، اسلام آباد ۾ 83، بلوچستان ۾ 85، گلگت بلتستان ۾ 17 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هيستائين 13 فوتگيون ٿي چڪيون آهن، ڪل 9 لک 22 هزار 665 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ائرس س??ب متاثر ماڻهن جي علاج لاءِ 820 مختص اسپتالن ۾ 8 هزار 431 مريض داخل آهن.