اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ها??وس??گ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان ها??وس??گ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قر?? جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، ها??وس??گ ۽ تعميرات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ها??وس??گ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ها??وس??گ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان ها??وس??گ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخ?? ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قر??ن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعميرات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته ها??وس??گ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.