اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ جي روڪٿام جي لاءِ اي??ٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل، دهشتگردي جي خاتمي ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن، ضابطه فوجداري قانونن ۾ ترميمن، سنگل ٽريزري بئنڪ اڪائونٽ جي قاعدن ۾ تبديلي ۽ نيشنل هيلٿ اي??رجنسي ريسپانڊ ايڪٽ جي منظوري ڏني آهي، نيشنل هيلٿ اي??رجنسي ريسپانڊ ايڪٽ جو مقصد ڪنهن به قدرتي آفت جي صورت ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي قائم ڪرڻ آهي، وفاقي ڪابينا پي ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي تجويز تي فيصلو اي??دڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب پهريون ڀيرو خاص معاونين پڻ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم واضح هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي دستيابي ۽ فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو، پي ٽي وي جي نئين سر ??نظيم سازي جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ پي ٽي وي مع??مل?? کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ لائيسنس فيس وڌائڻ جي تجويز ڏني و??ي هئي، مختلف راءِ سامهون اچڻ تي پي ٽي وي لائيسنس فيس وڌائڻ جو مع??مل?? اي??دڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي شاندار تاريخ آهي، اهڙي طرح جا ادارا عظمت جو نشان هئا پر پيپلزپارتي ۽ مسلم ليگ (ن) رياستي ادارن ۾ بدانتظامي ۽ ميرٽ جي ابتڙ ڀرتين سان ادارن کي زمين بوس ڪري ڇڏيو آهي جنهن اداري کي ڏسو ان ۾ اهو ئي حال آهي، موجوده حڪومت پي ٽي وي، اسٽيل ملز سميت سمورن ادارن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهي ٿي?? ڇو ته اهي ادارا رياست جي نمائندگي ڪن ٿا.