اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ملڪي معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو، ڪامياب جوان پروگرام جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آ??يان، رقم جي ورهاست جو عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ملڪي معيشت تي منفي اثر ختم ڪرڻ لاءِ اهو پروگرام تمام گهڻو ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم خاص مددگار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي تازه ترين انگن اک??ن تي بريفنگ ڏني وئ?? ۽ پروگرام تحت نوجوانن ۾ رقم ورهائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي مشاورت به ڪئي وئ??.