اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ت?? عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي ح?? ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين کي انه?? جي پيدائشي ۽ گڏيل قوم?? جي مڃيل ريفرنڊم جي ح?? کان طاقت جي زور تي محروم ڪري رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازش?? جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اي پي پي کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڪشمير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ت?? عالمي برادري هاڻي خرگوش جي خواب مان بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميري?? جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو فوجي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ ماڻه?? جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??ايت جاري رکندو.