اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) ايوان صدر ۾ عيدالاض??يٰ جي نماز ڪورونا بچاءُ جي ضابطن ت?? ع??لد??آمد سان ادا ڪئي وئي. عوام ج?? نالي وڊيو پيغام موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گهر ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي. بعد ۾ صدر ايوان صدر جي عملي سان عيد مليو ۽ هڪ هڪ ٿي سڀني کي عيد جي مبارڪباد ڏني. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ان موقعي تي موجود هئي. عيد ملڻ دوران ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن ت?? ع??لد??آمد ڪيو ويو. سماجي فاصلو برقرار رکيو ويو جڏهن ت?? سمورن ماڻهن ماسڪ پائي رکيو هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عيدالاض??يٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ذوالحج جو مهينو قرباني، اطاعت، خيرخواهي ۽ نظم ۽ ضبط سيکاري ٿو، ان کان اڳ ايوان صدر ۾ عيدالاض??يٰ جي نماز ادا ڪئي وئي.