اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان بلوچستان جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب ??ينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ??ارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ??دايتون ڏنيون، سينيٽ چيئرمي?? چيو ته بلوچستان ??ڪ وڏو صوبو ??هي?? بجلي ورڇ جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، بلوچستان جي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لاءِ ڌار بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.