اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته سبسڊيز جي نظام ک?? منظم ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان ??ان گ??رب?? نتيجا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ان حوالي سان عوامي مفادن ۾ فيصلا ڪري انهن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪومتي سبسڊيز جي نظام ک?? منظم ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، ناڻي و??رو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي و??رو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ناڻي و??رو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي و??ري اڳوڻي و??ير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي ??ه وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.