اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي ناڻي واري ??فا??ي وزير اسحاق ڊار انٽرويو ڏئي مڪمل طور تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جو سدائين موقف ??هي?? آهي ته هن منظم طريقي سان مني لانڊرنگ ڪئي، شريف فيملي جي غيرقانوني طريقي سان اثاثا وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊار جو ??ردار ??هي?? آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن ماڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي، ٻنهي پارٽين ٻنهي هٿن سان قومي ناڻي کي ڦري پنهنجا اثاثا وڌايا ۽ ملڪي معيشت تباهه ڪئي. شبلي فراز چيو ته اڳوڻن حڪمرانن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.