سيالڪوٽ – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي سرگرمين جي فروغ، ڪ??روبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ڪ??روباري برادري کي سهولتون ڏيڻ، ڏورانهن علائقن جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪ??روباري برادري جا ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين کاتن بابت مسئلا حل ڪنداسين، عو??مي مسئلن جي حل لاءِ موثر بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون، ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال ۾ معاشي سرگرميون جاري رکڻ اهم چئلينج هو، حڪومت ٺوس قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو، ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين لهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪندڙ مخالف ڌر اڄ جلسا ڪري رهي آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ضروري آهي، عو??م ماسڪ پائي ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري، صحيح معنيٰ ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته سرديءَ جي موسم ۾ مشڪلاتون پيش اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ فضائي ايئر سيال جي افتتاح کانپوءِ ڪاروباري برادري کي خطاب ڪندي ڪيو.