اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پ?مندری_ڈاکو_خزانہ_گیم/117539.html">?م هنس مهاراج جي مندر جو دورو ڪي??. ا??ي پارلياماني سيڪريٽري مقامي امن ج??ڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پوليس جي موجودگي ۾ ٿيو. پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پ?مندری_ڈاکو_خزانہ_گیم/117539.html">?م هنس مهراج جي مندر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي محمد شريف کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي مقدس ماڳن جي به حفاظت ڪندي.