اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪن??ي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي ??ي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي اه??ما?? هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل قومن جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪن??ي ه?? چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن جي ه??دستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.