اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪ??اڪن دوران ڪورونا جي ٻي لهر سبب وڌيڪ 111 ماڻهو پنهنجي زندگي جي بازي هارائي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 4 لک 65 هزار 70 ٿي ويو، 24 ڪ??اڪن ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 هزار 256 ڪيس رپورٽ ٿيا، 24 ڪ??اڪن دوران 37 هزار 173 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 38 هزار 268 ٿي ويو آهي، ا??ن سي او سي موجب 24 ڪ??اڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 111 فوتگيون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 9 هزار 668 ٿي ويو. ڪورونا سب?? متاثر 4 لک 17 هزار 134 مريض صحتياب ٿي ويا، سڄي ملڪ ۾ 1782 ماڻهو صحتياب ٿيا، جڏهن ته 2361 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي