ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن، بحالي جي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ۽ ازالي جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ جاري ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان قدمن جو جائزي اجل??س جمعي ڏينهن هتي منعقد ٿيو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منص??با??ندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچست??ن جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، ص??با??ي وزير، اين ڊي ايم اين اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، بلوچست??ن جو چيف سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب بلوچست??ن جي چيف سيڪريٽري صوبي جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن جي صورتحال، جاني ۽ مالي نقصانن، انفراسٽرڪچر جي بحالي، عوام جي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني.