اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ ??هي جنهن سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اهڙو ر??بط?? بڻجي جو مخالف ڌر حڪومت جي پاليس??ن تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام ??ي مفادن جي حوالي سان قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام ??ي مفادن جي لاءِ حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار ??هي پر احتساب ??ي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخالف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت مخالف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري ??هي ته جيئن عوام کي اصل ??قي??ت معلوم هجي.