اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪاروباري شعبي جي ترقي لاءِ برابري جي سطح تي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عالمي منڊين جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي فائدا ح??صل ڪرڻ جي لاءِ عالمي رجحانن موجب حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن اي او جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر عا??ف علوي چيو ته حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جي ڪري پاڪستان جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آئي، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن 28 درجا مستحڪم ٿي.