صوابي – 13 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي حڪمت عملي ڪامياب ره?? آهي، عوام جي ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن ٿيو، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جي محنت جي ڪري پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم سميت دنيا جا ٻيا ادارا پاڪستان جي معي??ت جي بهتري جي واکاڻ ڪري ره??ا آهن، هن وقت ملڪ ۾ وچولو طبقو اقتدار ۾ آهي، اسان عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ نرسنگ ۽ وبائي مرضن جي انسٽيٽيوٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.