اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو ??ڪمل احساس آهي، عوام تي مهانگائي جو بار ??هٽ ڪرڻ جي ??اء?? هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حم??د اظهر، صلاحڪار ??اڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ??اڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي تجويز ڪيل احسا?? فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ??اڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ڄاڻايل پروگرام جي مقصدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پروگرام جو ??قصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ??رڻ آهي، وزيراعظم کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پروگرام کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو ??ڪمل احساس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي مهانگائي جو بار ??هٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان جي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو ??ڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ ??اء?? هر حد تائين وينداسين.